تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

حڪومت جي اعليٰ سطحي ٽيم ٻيڙي حادثي جي جاچ لاءِ مراڪش رواني ٿي وئي

- Advertisement -
حڪومت جي اعليٰ سطحي ٽيم ٻيڙي حادثي جي جاچ لاءِ مراڪش رواني ٿي وئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف مراڪش ٻيڙي حادثي جي اعليٰ سطحي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي جيڪا مراڪش رواني ٿي وئي. ايف آءِ اي ذريعن جو چوڻ آهي ته گهرو وزارت جو ايڊيشنل سيڪريٽري سلمان چوڌري جاچ ڪميٽي جو سربراهه آهي، ايف آءِ اي پنجاب جو ايڊيشنل ڊائريڪٽر نارٿ منير مسعود مارٿ به ٽيم ۾ شامل آهي. ايف آءِ اي ذريعن جو چوڻ آهي ته چار رڪني جاچ ڪميٽي ۾ پرڏيهي آفيس ۽ آءِ بي جو هڪ هڪ آفيسر به حصو آهن. ذريعن موجب، چار رڪني جاچ ٽيم 2 کان 4 ڏينهن مراڪش ۾ ترسندي. ٽيم ٻيڙي حادثي ۾ بچي ويل پاڪستانين سان ملاقات ڪري پاڪستانين تي تشدد ۽ قتل جي جاچ ڪندي. 2 ڏينهن اڳ ڏکڻ آفريڪا رستي غيرقانوني طور اسپين ويندڙ پناهگيرن جي ٻيڙي مراڪش ۾ حادثي جو شڪار ٿي وئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ 44 پاڪستانين سميت 50 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.8 ° C
19.8 °
19.8 °
26 %
1kmh
0 %
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
29 °
سُومر
25 °

تازه ترين خبرون