تازه ترين

حڪومت طرفان ريٽيلرز تي جولاءِ مهيني کان ٽيڪس هڻڻ جو اعلان

حڪومت طرفان ريٽيلرز تي جولاءِ مهيني کان ٽيڪس هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،  ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته اسپتالون ۽ اسڪول چندي تي هلندا آهن، ملڪ هلائڻ لاءِ ٽيڪس ڏيڻي پوندي، ملڪي ترقي لاءِ سڀ ڪجهه خانگي شعبي حوالي ڪرڻو پوندو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته  سندس آبادگارن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان ملاقاتون ٿيون آهن، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي 9 ڏهائي 5 سيڪڙو آهي جا ڪافي ناهي.

هن چيو ته خيرات سان اسڪول، يونيورسٽيون ۽ اسپتالون هلي سگهن ٿيون ملڪ رڳو ٽيڪس سان هلي سگهي ٿو، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي کي 13 ڏهائي 5 سيڪڙو تي آڻڻو پوندو.

سندس چوڻ هو ته ٽيڪس ذريعي ئي سمورو نظام هلندو آهي،  جي ڊي پي جو دارو مدار ٽيڪسن تي آهي، جيڪا شعبا ٽيڪس نه ٿا ڏين تنهن کي نظام ۾ آندو پيو وڃي، ٻين سيڪٽرن کي به ٽيڪس نيٽ ۾ آندو پيو وڃي.

محمد اورنگزيب چيو ته 31 کان 32 هزار  ريٽيلرز رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن جولاءِ مهيني ۾ مٿن ٽيڪس لاڳو ٿيندي، ٽيڪس ڊجيٽائيزيشن سان ڪرپشن ۾ گهٽتائي ٿيندي.

هن چيو ته ٽيڪس نه ڏيندڙن کي هاڻي ٽيڪس ڏيڻي پوندي، ايف بي آر ۾ به بهتري جا قدم کنيا پيا وڃن،  کين شيون بيلنس ڪري هلڻو پوندو.

سندس چوڻ هو ته ادارن جو خسارو گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا و ڃن،  جتي جتي ڪرپشن هوندي تنهن اداري کي  بند ڪيو ويندو،  زراعت ۽ آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي سان معيشيت ۾ بهتري ايندي.

محمد اورنگزيب چيو ته ملڪي ترقي لاءِ سڀ ڪجهه خانگي سيڪٽر حوالي ڪرڻو پوندو،  حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي نه ٿيڻ جي ڳالهه درست آهي.

هن چيو ته حڪومت تي تنقيد ڪئي پئي وڃي ته پگهار طبقي کي رليف نه ڏنو ويو آهي، ادارا اربين رپين جو نقصان ڪن ته ملازمن کي رليف ڪيئن ملندو؟

سندس چوڻ هو ته وزيراعظم شهباز شريف کي جلد رپورٽ ڏني ويندي ته ڪهڙن ادارن کي بند ڪرڻو آهي.

محمد اورنگزيب چيو ته صوبن کي منتقل ڪيل ادارن کي وفاق کان الڳ ڪرڻ جي ضرورت آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
112,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
55 %
0.6kmh
20 %
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
33 °
اربع
35 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون