تازه ترين

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن ۾ چار  ڄڻا فوت

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن ۾ چار  ڄڻا فوت ٿي ويا. قاضي احمد ويجهو ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب زال مڙس فوت ٿي ويا. لاکا پمپ وٽ حادثي ۾ عوارت پارپتي باگڙي ۽ سندس مڙس ارداس باگڙي اجل جو شڪار ٿي ويا. اطلاع تي پوليس پهچي ٻنهي جا لاش کڻائي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. زال مڙس جا لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ڪهرام مچي ويو……… مٽياري ويجهو قومي شاهراهه تي  گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ پيرسن فوت ٿي ويو. قومي شاهراهه تي حادثي ۾ڳوٺ مير محمد لاکو جو رهواسي  70 سالن جو رحمت الله لاکو فوت ٿي ويو. اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي پيرسن جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. پيرسن جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ڪهرام مچي ويو. هوڏانهن لکي غلام شاهه واسي حادثي ۾ زخمي ٿيل عورت زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي وئي. حادثي ۾ زخمي ٿيل عورت مسمات صحت خاتون فوت وئي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
21.3 ° C
21.3 °
21.3 °
61 %
3.1kmh
58 %
آچر
30 °
سُومر
28 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون