- Advertisement -
بجلي هڪ مهيني لاءِ 3 رپيا 49 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جو امڪان آهي.
نيپرا مهيني جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ درخواست جي ٻڌڻي ڪندي.
سي پي پي اي اپريل مهيني ۾ ايف سي اي جي مدد ۾ درخواست داخل ڪئي آهي، جيڪڏهن منظور ڪئي وئي ته صارفين تي 34 ارب رپين جو اضافي بار پوندو.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اپريل ۾ فرنس آئل ۽ ڊيزل مان بجلي پيدا نه ڪئي وئي، هڪ مهيني ۾ هائيڊل سان بجلي جي پيداوار 22.96 سيڪڙو رهي ۽ اپريل ۾ مقامي ڪوئلي مان 10.19 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي.
مقامي گيس سان اپريل ۾ 11.28 سيڪڙو ۽ ايل پي جي سان 24.97 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي، اپريل ۾ ايٽمي ٻارڻ سان 23.64 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي.- Advertisement -
