ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جون وزيراعظم شهباز شريف ۽ وقتي صدر يوسف رضا گيلاني سان ملاقاتون

- Advertisement -
خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته وزيراعظم سان ملاقات ۾ چشما لفٽ ڪينال لاءِ بجيٽ مختص ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، وزيراعظم هن بجيٽ ۾ لازمي بجيٽ رکڻ جو واعدو ڪيو آهي، سڀ کان وڌيڪ پراپرٽي ٽيڪس خيبرپختونخوا مان ورتي ويندي آهي، وزيراعظم کان اها گهٽائڻ جو مطالبو ڪيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف کان مطالبو ڪيو ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته ملاقات ۾ وزيراعظم کان مطالبو ڪيو ته سکر ايئرپورٽ ۽ ڊيرا اسماعيل خان ايئرپورٽ کي انٽرنيشنل جو درجو ڏنو وڃي، هو اڄ به دعوت ڏئي ٿو ته گورنر هائوس سندس نه پر اوهان سڀني جو آهي، اچو پنهنجي صوبي لاءِ گڏجي ڪم ڪريو. خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته جيڪڏهن اوهان کي شرم اچي ٿو ته اوهان کين گهرايو، هو پنهنجي صوبي جي خاطر جتي چوندا ڳالهائين لاءِ اچي ويندو، هو ڪي پي جي وڏي وزير جي مجبوريءَ کان واقف آهي، کيس ان جو احساس آهي، هو جيتريون گاريون ڏيڻ چاهي ٿو هو حاضر آهي. هن چيو ته ميڊيا جا دوست ڪي پي جو دورو ڪري اتي جيڪي سٺيون شيون آهن اهي ڏيکارن، سندن ڪيترائي مسئلا آهن، کين پرامن خيبرپختونخوا ٺاهڻو آهي. خيبرپختونخوا جي گورنر چيو ته گورنر هائوس، وڏي وزير ۽ گورنر لاءِ هڪ جهڙو آهي، هن ڪي پي ۾ سياسي قيادت سان ملاقاتون ڪيون آهن، گورنر هائوس مان ڪڏهن ڪنهن کي به سازش جي بوءِ نه ايندي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته خيبرپختونخوا جو وڏو وزير گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جون ڳالهيون ڇڏي ڏئي، وڏو وزير ڏکيائين جو شڪار آهي، ڪي پي جو وڏو وزير صوبي جي مسئلن لاءِ گڏجي ڪم ڪري، مولانا فضل الرحمان سندس بزرگ آهي جڏهن گهرائيندو هو هليو ويندو…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.6 ° C
29.6 °
29.6 °
14%
3.4m/s
0%
اربع
29 °
خميس
30 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
28 °
آچر
27 °

تازه ترين خبرون