تازه ترين

حڪومت قومي ايئر لائن پي آءِ اي کي خانگائڻ جو عمل تيز  ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
قومي ايئر لائن پي آءِ اي  خريد ڪرڻ لاءِ درخواستون ٽي مئي تائين طلب ڪيون ويون آهن. حڪومت قومي ايئر لائن پي آءِ ايَ کي خانگائڻ جو عمل تيز  ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب ڪامياب واڪ لڳائيندڙ کي پي آءِ اي جو انتظامي ڪنٽرول به ڏنو ويندو. 24 جون تائين پي آءِ اي کي خانگائڻ وارو عمل مڪمل ڪيو ويندو، نجڪاري ڪميشن موجب 51 کان سئو سيڪڙو  شيئرز حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏئي سگهجي ٿي. آءِ ايم ايف پي آءِ کي هلندڙ مالي سال ۾ خانگائڻ جي شرط رکي آهي. نجڪاري ڪميشن ٻڌايو ته 2023ع ۾ پي آءِ ايَ ۾ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ مسافرن سفر ڪيو، قومي ايئر لائن ساليانو 50 لک کان وڌيڪ مسافرن کي 34 ملڪن ڏانهن وٺي ويندي آهي. نجڪاري ڪميشن چيو ته پي  آءِ ايَ وٽ 97 منافعي وارا روٽ آهي، هڪ هفتي ۾ 260 اڏامون آپريٽ ٿينديون آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
17 %
1.3kmh
0 %
ڇنڇر
26 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون