- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ٽيلي ڪميونيڪشن شعبي جي ترقي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ايندڙ ٽن سالن دوران ملڪ مان آءِ ٽي جون شيون ٻاهر موڪلڻ کي 25 بلين ڊالر تائين پهچايو ويندو، ڏورانهن علائقن ۾ تيز ترين انٽرنيٽ جي فراهمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، فائيو جي سروسز ذريعي ڊجيٽل پاڪستان جو خواب پورو ٿيندو.
اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان وي آن گروپ جي چيئرمين اوگي ڪي فيبيلا جي سربراهيءَ ۾ پنج رڪني وفد ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ مملڪتي وزير شزا فاطمه، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جو ڪو آرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ ٻيا به موجود هئا.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حڪومت ٽيلي ڪميونيڪشن شعبي جي ترقي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ايندڙ ٽن سالن دوران ملڪ مان آءِ ٽي جون شيون ٻاهر موڪلڻ کي 25 بلين ڊالر تائين پهچايو ويندو.
سندس چوڻ هو ته ڏورانهن علائقن ۾ تيز ترين انٽرنيٽ جي فراهمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، فائيو جي سروسز ذريعي ڊجيٽل پاڪستان جو خواب پورو ٿيندو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۾ ڪيش ليس ۽ ڊيجيٽل معيشيت کي هٿي وٺرائڻ بابت ٽيلي ڪام سيڪٽر جو ڪردار انتهائي اهميت جوڳو آهي، وي آن جي سبسڊيز سان جيز گروپ پاڪستان ۾ ٽيلي ڪميونيڪيشن ۽ فنانشل ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
وفد پاڪستان ۾ هاڻوڪي معاشي استحڪام بابت حڪومت ڪوششن جي ساراهه ڪئي…….- Advertisement -
