- Advertisement -
ڀارت آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جو چوڻ آهي ته ڀارتي ميڊيا ڪيترن ئي مهينن کان دعويٰ پئي ڪري ته ڀارتي ٽيم پاڪستان کيڏڻ لاءِ نه ايندي پر کين ڀارتي حڪومت ۽ بي سي سي آءِ جي جواب جو انتظار آهي.
ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم چيمپئز ٽرافيءَ لاءِ پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪيو آهي.
انڊين ايڪسپريس جي رپورٽ موجب بي سي سي آءِ جو چوڻ آهي ته ڀارتي ٽيم پاڪستان نه ويندي ۽ اهو سندن قطعي فيصلو آهي، جيڪو هو پاڪستان کي لکي ڏئي چڪا آهن.
ڀارتي بورڊ جي ذريعن موجب ڀارتي ٽيم جون 6 ميچون دبئي ۾ رکڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بي سي سي آءِ پنهنجن خدشن کان اختيارين کي آگاهه ڪيو آهي ته هو نيوٽرل وينيو تي ميچون کيڏڻ چاهن ٿا ۽ ان لاءِ دبئي بهترين هنڌ آهي.
ان سلسلي ۾ پي سي بي چيئرمين محمس نقوي جو چوڻ آهي ته بي سي سي آءِ هيل تائين لکت ۾ ڪجهه به ناهي ٻڌايو، هائبرڊ ماڊل تي ڪا به ڳالهه ناهي ٿي نه ٿيندي.
لاهور ۾ قذافي اسٽيڊيم جي دوري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته ڀارتي ميڊيا ڪيترن ئي مهينن کان دعويٰ پئي ڪري ته ڀارتي ٽيم پاڪستان کيڏڻ لاءِ نه ايندي پر کين ڀارتي حڪومت ۽ بي سي سي آءِ جي جواب جو انتظار آهي.
هن چيو ته چيمپئنز ٽرافيءَ جون تياريون جاري آهن، ٽورنامينٽ پاڪستان ۾ ئي ٿيندي.
محسن نقوي چيو ته ايونٽ لاءِ بي سي سي آءِ يا ڀارتي حڪومت ٽيم موڪلڻ کان انڪار ڪيو ته کيس حڪومت سان رابطو ڪرڻو پوندو، ڀارت انڪار ڪيو ته پاڪستان مان بهتري جي اميد نه رکي.
هن چيو ته هائبرڊ ماڊل تحت ايونٽ ڪرائڻ جو ڪو به منصوبو ناهي، کين اميد آهي ته ڀارتي بورڊ هاڪاري جواب ڏيندو.
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جو هڪ وفد 10 کان 12نومبر تائين لاهور جو دورو ڪندو- Advertisement -
