حڪومت ٽي ٽي پي جي دهشتگرد نور ولي محسود ۽ احمد حسين خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي

- Advertisement -
حڪومت ٽي ٽي پي جي دهشتگرد نور ولي محسود ۽ احمد حسين خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي، جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪال جي فارنزڪ ٽيسٽ ڪرائي جيڪا هاڪاري آئي ۽ ثابت ٿي ويو ته فون ڪال ۾ موجود آواز  خارجي نور ولي محسود ۽ احمد حسين عرف غٽ حاجي جو آهي، اختيارين جو چوڻ آهي ته دهشتگردي ۾ ملوث دهشتگردن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو. خارجي نور ولي محسود ۽ احمد حسين عرف غٽ حاجي جو قانون گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي. تازو ئي خارجي نور ولي محسود ۽ احمد حسين عرف غٽ حاجي جي منظر عام تي آيل فون ڪال تي قانوني ڪارروائي جي شروعات ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ خارجي نور ولي محسود، احمد حسين عرف غٽ حاجي کي سرڪاري ملڪيتن ۽ اسڪولن تي حملن جون هدايتون ڏئي رهيو آهي. خارجي نور ولي محسود طرفان هدايتن تي عمل ڪندي ضلعي اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ گرلز اسڪول کي آءِ اي ڊي لڳائي اڏايو ويو، عمل جي شعبي سان لاڳاپيل ٽانڪ جي علائقي سان تعلق رکندڙ پيرسن استاد ميرا جان کي به ٽارگيٽ ڪلنگ ڪري قتل ڪيو ويو. پاڪستان حڪومت طرفان فون ڪال تي قانوني ڪارروائي جي شروعات ڪئي وئي آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪال جي فارنزڪ ٽيسٽ ڪرائي جيڪا هاڪاري آئي ۽ ثابت ٿي ويو ته فون ڪال ۾ موجود آواز  خارجي نور ولي محسود ۽ احمد حسين عرف غٽ حاجي جو آهي. حڪومت ان ڳالهه تي پرعزم آهي ته دهشتگردي ۾ ملوث عنصرن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
5 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
19.9 ° C
19.9 °
19.9 °
20%
0.3m/s
0%
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون