- Advertisement -
قمبر ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب ٻه ٻارڙا فوت ٿي ويا.
ٻرڙا ڪالوني ۾ پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب چئن سالن جو حسنين مغيري ۽ 5 سالن جو سندس سئوٽ دوست محمد فوت ٿي ويا.
وارثن ٻنهي ٻارڙن کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن سندن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.
ٻارڙن جا لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.- Advertisement -
