تازه ترين

حڪومت پشتون تحفظ موومينٽ کي ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
حڪومت پشتون تحفظ موومينٽ کي ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ جو چوڻ آهي ته سمورين شاهدين بعد پي ٽي ايم تي پابندي مڙهي آهي، پشتون تحفظ موومينٽ جا ڪالعدم ٽي ٽي پي ۽ افغان طالبان سان رابطا آهن، پي ٽي ايم جون ڇهن مهينن دوران سرگرميون ملڪ خلاف رهيون. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته پي ٽي ايم پاڪستان جو جهنڊو ساڙيو، تنظيم کي پرڏيهه مان فنڊنگ ڪئي پئي وڃي، پي ٽي ايم وارن پرڏيهه ۾ پاڪستاني سفارتخانن تي حملا ڪيا. هن چيو ته پي ٽي ايم جي حملن ۾ افغان شهري به ملوث آهن، اهو سبق تحريڪ انصاف لاءِ به آهي، پي ٽي آءِ وارا چوندا آهن ته پي ٽي آءِ باني نه پر پاڪستان به نه، عطا تارڙ چيو ته پي ٽي ايم جا ڪالعدم ٽي ٽي پي ۽ افغان طالبان سان رابطا آهن، سمورين شاهدين بعد پي ٽي ايم تي پابندي مڙهي آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي، رپئي جي قدر ۾ اضافو ۽ مهانگائي گهٽجي رهي آهي. عطا تارڙ چيو ته پختونن جو پاڪستان جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار رهيو آهي،  ڪنهن به تنظيم کي ثبوتن جي بنياد تي ڪالعدم قرار ڏنو ويندو آهي،  ڪنهن به سياسي پارٽيءَ کي پاڪستان تي حملي ۽ ملڪ جي نظريي کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. وفاقي وزير چيو ته پر امن احتجاج جي هر ڪنهن کي اجازت آهي، پاڪستان جي ترقي لاءِ هر قدم کنيو ويندو، ملڪ کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏني ويندي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم سمورن وڏن وزيرن کي چيو آهي ته مهانگائي گهٽتائي جا اثر عوام تائين منتقل ڪيا وڃن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
6 %
2.3kmh
87 %
سُومر
16 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون