- Advertisement -
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته احتجاج ڪندڙ دڪان بند ڪرائڻ بدران ڳالهيون ڪن، هڙتال سان روزانو 190 ارب رپيا نقصان ٿئي ٿو، معاشي استحڪام لاءِ کنيل قدمن جا اثر اچڻ شروع ٿي ويا آهن.
جاري ڪيل وڊيو پيغام ۾ محمد اورنگزيب چيو ته مهانگائي جي شرح سنگل ڊجٽ تي اچي وئي آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ مهانگائي وڌيڪ گهٽ ٿيندي، پاليسي ريٽ ۾ به وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان آهي.
هن چيو ته ملڪ ۾ محنت سان معاشي استحڪام آندو، اقتصادي ڍانچي ۾ سڌارن جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، هڙتالن سبب ملڪي معيشت تي خراب اثر پون ٿا.
محمد اورنگزيب چيو ته جيڪي ماڻهو هڙتال جو سڏ ڏين ٿا انهن کي به سوچڻ گهرجي، اهي پنهنجن مسئلن جي حل لاءِ ڳالهيون ڪن، هڙتال سبب روزانو 190 ارب رپيا نقصان ٿئي ٿو.
ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته عوام کي وڌيڪ رليف ڏيڻ لاءِ آءِ پي پيز سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن، چيني ڀائرن جي جاني نقصان جو ڪو به ڪاٿو نه ٿو لڳائي سگهجي، 2 چيني آءِ پي پيز جا انجنيئر هئا.- Advertisement -
