تازه ترين

حڪومت کي پيٽرول جي قيمت 225 رپيا في لٽر ٽن سالن تائين فڪس ڪرڻ گهرجي : حافظ نعيم الرحمان

- Advertisement -
جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته بجيٽ ۾ ڪابه نئين شيءِ ناهي، بجيٽ اڌ کان وڌيڪ وياج ۾ هلي ويندي، حڪومت کي پيٽرول جي قيمت 225 رپيا في لٽر ٽن سالن تائين فڪس ڪرڻ گهرجي. ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته مهانگائي جي دور ۾ خانگي شعبي لاءِ ڪوبه رليف ناهي ڏنو ويو، پگهارن ۾ ڪوبه اضافو ناهي ڪيو ويو، خانگي شعبي جي ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ ست ست سيڪڙو اضافو ڪيو ويو جڏهن ته مهانگائي 8 سيڪڙو وڌي آهي. جماعت اسلامي جي امير چيو ته پيپلزپارٽي جمهوريت جي قاتل آهي، جمهوريت ۽ پيپلزپارٽي هڪ ٻئي جو ضد آهن، سنڌ تي 18 ورهين کان پيپلزپارٽي جو قبضو آهي. حافظ نعيم الرحمان چيو ته سنڌ ۾ ٻارن کي تعليم ۽ صحت جون سهولتون ڇو نه پيون ملن، بنيادي صحت مرڪزن جي حالت خراب آهي، تعليم، صحت ۽ روزگار جي کوٽ آهي. هن چيو ته ڪراچي شهر جي روڊن رستن جي حالت خراب آهي، هن شهر ۾ 15 هزار بسن جي ضرورت آهي، پيپلزپارٽي کي فرينڊلي اپوزيشن مليو آهي. جماعت اسلامي جي امير الزام لڳائيندي چيو ته گلگت بلتستان ۾ ميمبرن جي خريداري ۽ وڪري ۾ سندن ٽيڪس جا پيسا لڳايا پيا وڃن. حافظ نعيم الرحمان چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ هاڻي مينڊيٽ تي قبضو ڪرڻ نه ڏنو ويندو، مينڊيٽ حاصل ڪندا ڪنهن کسڻ جي ڪوشش ڪئي ته مزاحمت ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل کي شڪست ڏني، حڪومت ٽياڪڙي جو بهتر ڪردار ادا ڪيو، اسرائيل اڃا به لبنان تي حملا ڪري رهيو آهي، فلسطين ۾ به حملا بند ناهن ٿيا، ڪشمير ۾ طاقت جي استعمال مان ڪوبه فائدو نه ٿيندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23 ° C
23 °
23 °
40 %
2kmh
90 %
سُومر
23 °
اڱارو
30 °
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون