خانپورمهر ۾ پوليس کي هٿيارن جي وڏي کيپ ملڻ بعد مک جوابدار جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس ڪيمپ قائم ڪري ڇڏي آهي.
مک جوابدار اڪبر سومرو جي گرفتاري لاءِ ايس ايس پي گهوٽڪي جي حڪم تي پوليس پاران جوابدار جي گهر ۾ ڪيمپ قائم ڪئي وئي.
اربع ڏينهن پوليس جي ڪارروائي کان اڳ جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويو هو.
ذريعن موجب، جوابدار اڪبر سومرو جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس پاران جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو پيو وڃي.
پوليس ۽ حساس ادارن خانپور مهر ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪندي ڳرن هٿيارن جي وڏي کيپ هٿ ڪئي.


