تازه ترين

خانپور جي ڪچي واري علائقن ۾ پوليس آپريشن

خانپور جي ڪچي واري علائقن ۾ پوليس آپريشن دوران ڏوھارين جي ٿاڪن کي باھيون ڏئي ڇڏيون ۽ شڪ جي بنياد تي ٽن ڄڻن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو.

ڳڙھي تيغو ۽ ڪوٽ شاھو جي ڪچي وارن علائقن ۾ شڪارپور پوليس ٽئين ڏينهن به ڏوھارين خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيو.

آپريشن دوران ڏوھارين جي ٿاڪن ۽ گھرن تي چڙھايون ڪري گھرن کي باھيون ڏنيون ويون ۽  شڪ جي بنياد تي ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.

ايس ايس پي شڪارپور عرفان سمون جو چوڻ آهي ته  ڏوھارين خلاف آپريشن ۾ شڪارپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي سوين اھلڪارن ۽ بڪتر بند گاڏيون ساڻ ڪري آپريشن جاري آھي، شڪ جي بنياد تي ڪجهه گرفتاريون ڪيون آھن.

هن چيو ته مغوين جي بازيابي تائين ڏوھارين خلاف آپريشن جاري رهندو.

سندس چوڻ هو ته امن امان جي بحالي تائين ڏوھارين جو گھيرو تنگ ڪرڻ لاءِ ڪچي کان پڪي طرف ايندڙ رستن تي پوليس ڪئمپ قائم ڪرڻ جو عمل جاري آھي..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
moderate rain
12.9 ° C
12.9 °
12.9 °
70 %
4.5kmh
31 %
ڇنڇر
13 °
آچر
16 °
سُومر
18 °
اڱارو
21 °
اربع
22 °

تازه ترين خبرون