- Advertisement -
خيبرپختونخوا جي اڳوڻي گورنر ۽ وزيراعلى ڪي پي علي امين گنڊاپور جي سينيئر مشير جي عهدي تان استعيفى ڏئي ڇڏي.
شاهه فرمان جو چوڻ هو ته سينيئر مشير بڻائن تي وزيراعلى علي امين گنڊاپور جو ٿورائتو آهي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جي جوڙيل احتساب ڪميٽي جو ميمبر آهي، ڪميٽي جي حيثيت سان صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگي تي نظر رکڻ آهي.
شاهه فرمان جو چوڻ هو ته حڪومت جو حصو ٿي ڪري سٺو محسوس نه پيو ڪري.
واضح رهي ته شاهه فرمان پاڪستان تحريڪ انصاف جي گذريل دور حڪومت ۾ 2018 کان 2022 تائين خيبرپختونخواهه جو گورنر رهي چڪو آهي……….- Advertisement -
