- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آئيني ترميم بابت پيپلزپارٽي جو مسودو عوام سان شيئر ڪندي 26 هين آئيني ترميم کي بهتر بڻائڻ لاءِ عوام کان تجويزون به طلب ڪري ورتيون آهن.
بلاول ڀٽو زرداريءَ سماجي رابطن واري ويب سائٽ ايڪس تي آئيني ترميم بابت مسودو شيئر ڪيو.
پ پ چيئرمين 26 هين آئيني ترميم کي بهتر بڻائڻ لاءِ عوام کان تجويزون به طلب ڪري ورتيون.
سندس چوڻ آهي ته پ پ هڪ وفاقي آئيني عدالت جي تجويز ڏني آهي، جنهن ۾ سموري وفاقي اڪاين جي برابري نمائندگي هجي.
هن چيو ته وفاقي آئيني عدالت بنيادي حقن، آئيني تشريح ۽ وفاقي توڙي بين الصوبائي تڪرار بابت سمورن مسئلن کي حل ڪندي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ججن جي مقرري وارو عمل تبديل ڪيو وڃي، هو پارليامينٽ، عدليه ۽ قانوني برابري جو ڪردار ڏيڻ جا خواهشمند آهن.
پ پ چيئرمين چيو ته هنن پنهنجو مسودو ڪجهه مهينا اڳ حڪومت ۽ ڪجهه هفتا اڳ جي يو آءِ سان شيئر ڪيو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو عوام طرفان ان ترميم کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ جائز ۽ بهتر تجويزن جي آجيان ڪندا.
هن چيو ته پ پ سڄي ملڪ ۾ مهم ذريعي ان ترميم تي سياسي پارٽي، بار ايسوسيئشنز ۽ سول سوسائٽي سان رابطا ڪري رهيا آهن.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئيني ترميم تي رابطي لاءِ اتفاقِ بابت سمورين سياسي پارٽين سان رابطا جاري آهن، کين اميد آهي ته هڪ گڏيل مسودي تي 26هين آئيني ترميم پاس ٿي ويندي.
- Advertisement -
