خيبرپختونخوا ۾ مالي بحران شدت اختيار ڪرڻ بعد نگران حڪومت سرڪاري ملازمن جي پگهارن مان 25 سيڪڙو ڪٽوتي جي سفارش تيار ڪئي آهي.
ڪي پي ۾ مالي بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي، جنهن بعد نگران حڪومت بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب نگران سرڪار ملازمن جي پگهارن مان 25 سيڪڙو ڪٽوتي جون سفارشون تيار ڪري ورتيون آهن.
سرڪاري ملازمن جي پگهارن مان ڪٽوٽيءَ لاءِ سمري منظوري لاءِ نگران وڏي وزير ڏانهن موڪلي ويندي.
پگهارن مان ڪٽوتي جو فيصلو ناڻي کاتي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو، جڏهن ته اجلاس ۾ ڪي پي حڪومت کي آڏو مالي بحران جو جائزو ورتو ويو ۽ صوبي کي ڊفالٽ کان بچائڻ لاءِ مختلف آپشنن تي غور ڪيو ويو.
ذريعن موجب مالي بحران کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ٽي آپشن استعمال ڪرڻ تي زور ڀريو ويو، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 35 سيڪڙو اضافو واپس وٺڻ جي تجويز ڏني وئي، اضافو واپس وٺڻ سان ماهوار 9 ارب رپين جي بچت ٿيندي.
ٻئي آپشن ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو ڪٽوتي جي تجويز ڏني وئي، جنهن سان ماهوار 8 ارب رپيا بچت ٿيندي.
ذريعن موجب الائونس ختم ڪرڻ سان صوبائي حڪومت کي ماهوار 2 ارب رپين جي بچت ٿيندي،.