خيبر ضلعي ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي فورسز خبير ضلعي ۾ دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي آپريشن ڪيو.
آپريشن دوران دهشتگردن جي ٿاڪن کي اثرائتي نموني نشانو بڻايو ويو، جنهن دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا.
آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي امڪاني موجودگيءَ جي خدشي سبب ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن