خيرپور ويجهو مغوي ڊرائيور جي وارثن کي پوليس فون ڪري 50 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي ۽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ مغوي کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي.
ڊاٽسن ڊرائيور علي ڏنو جوڻيجو ساڍا چار مهينا گذرڻ باوجود بازياب نه ٿي سگهيو آهي.
ڌاڙيلن طرفان مغوي جي وارثن کان 50 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ مغوي جو لاش موڪلڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي.
وارثن جو چوڻ آهي ته پيٽ پالڻ ۾ پورا آهيون 50 لک ڀنگ ڪٿان آڻين.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوجوان کي بازياب ڪرائي وارثن ۾ ڇانيل بي چيني ختم ڪئي وڃي.