تازه ترين

خيرپور پوليس روپوش ۽ اشتهاري ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون

- Advertisement -
خيرپور پوليس روپوش ۽ اشتهاري ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي دهشتگردي، قتل، اغوا، پوليس مقابلن، چوري ۽ ڌاڙن سميت سنگين ڪيسن ۾ گهربل 24 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايس ايس پي خيرپور جي هدايتن تي ٻٻرلوءِ، احمد پور، پريالو، فيض گنج، سيٺارجا، اڪري، بي سيڪشن، راڻي پور، ڪنب، سوڀوديرو، گمبٽ، ڪوٽ لالو، ٺري ميرواهه، ڪوٽڏيجي، سوراھه ۽ هڱورجا جي مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا. پوليس ٽيم مختلف سنگين ڪيسن ۾ ملوث 24 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو جن خلاف اغوا، پوليس مقابلن ۽ ٻين سنگين ڏوهن جا ڪيس داخل ٿيل آهن. گرفتار جوابدارن ۾ اربيلو ٿيٻو، حاتم ڪلهوڙو، نظام چانگ، علي نواز اسلامي، عمران لاشاري، محمد حسن سمنگ، بشير شيخ، سليم سونيو، اسحاق مشوري، اظهر شر، امير ناريجو، شاهه محمد جانوري، محسن شاهه ۽ ٻيا شامل آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
27.5 ° C
27.5 °
27.5 °
12 %
2.9kmh
93 %
اڱارو
26 °
اربع
33 °
خميس
33 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °

تازه ترين خبرون