خيرپور پوليس ڪرڪيٽ تي جوا کيڏڻ جي الزام هيٺ 26 ڄڻن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو.
بي سيڪشن پوليس جو چوڻ آهي ته مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي ڪرڪيٽ تي جوا کيڏندڙ 26 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.
پوليس موجب، گرفتار ٿيل جوابدارن ۾ نواب ڦلپوٽو، امتياز شيخ، دلنواز، بشير مگسي، گلزار مگسي، صابر ۽ ٻيا شامل آهن سندن خلاف جوا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.
پوليس موجب، گرفتار جوارين جي قبضي مان لائوڊ اسپيڪر، بيٽري، ايل سي ڊي ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي.