خيرپور ويجهو ڦلپوٽا برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جهيڙو دوران پيرسن قتل ٿي ويو ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
بي سيڪشن ٿاڻي جي حد گجو ۾ ڦلپوٽو برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي لوھھ جا سريا لڳڻ سبب پيرسن خادم حسين ڦلپوٽو قتل ٿيو.
جھيڙي دوران ربنواز، حق نواز، عامر حسين ۽ عمير علي ڦلپوٽو سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙھھ وارثن حوالي ڪيو ويو.