خيرپور ويجهو ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل سپريئر ڪالج جي ملازم دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بعد قتل ٿي ويلن جو انگ وڌي 4 ٿي ويو آهي، واقعي خلاف سپريئر ڪاليج جي شاگردن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي.
ڳوٺ ڪيهر شيخ ۾جهيڙي دوران زخمي ٿيل سپريئر ڪاليج جي ملازم گل بيگ زخمن جا سور نه سهندي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو آهي.
ڌرين ۾ جهيڙي دوران قتل ٿي ويلن جو انگ وڌي 4 ٿي ويو آهي.
واقعي خلاف سپريئر ڪاليج جي شاگردن پاران اولڊ نيشنل هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو آهي.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته گذريل رات دير سان هٿياربندن گوليو هڻي سپريئر سائنس ڪاليج جي ملازم گل بيگ شيخ کي قتل ڪري ڇڏيو.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي قتل ۾ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.