تازه ترين

خيرپور ۾ رينجرز چوڪي ڀرسان ڪريڪر ڌماڪو ٿيو آهي، ڌماڪي سبب ڪوبه جاني نقصان ناهي ٿيو

خيرپور ۾ رينجرز چوڪي ڀرسان ڪريڪر ڌماڪو ٿيو آهي، ڌماڪي سبب ڪوبه جاني نقصان ناهي ٿيو، پوليس ۽ رينجرز علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو.

قومي شاھراهه تي اڪنامڪ زون رينجرز چوڪي ڀرسان ڌماڪو ٿيو.

ڌماڪي سبب ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو، اطلاع تي پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته قومي شاهراهه تان گذرندڙ هاءِ روف گاڏي مان اڻڄاتل جوابدار ڪريڪر اڇلائي سکر طرف ڏانهن فرار ٿي ويا.

پوليس موجب، بم ڊسپوزل عملي ٻڌايو ته بم ديسي ساخت جو هو، ڌماڪي واري هنڌ تان هڪ بيٽري، تارون ۽ ڪوڪا مليا آهن جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
110,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
30 ° C
30 °
30 °
16 %
8.8kmh
9 %
اڱارو
30 °
اربع
33 °
خميس
31 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون