تازه ترين

مون کي جنهن گول لاءِ آندو ويو آهي اهو ورلڊڪپ آهي: محمد عامر

چئن سالن بعد رٽائرمينٽ واپس وٺي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ شامل ٿيندڙ فاسٽ بالر محمد عامر چيو آهي ته ائين لڳي رهيو آهي هيءَ منهنجي ڊيبيو سيريز آهي.

نيوزلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ قومي ٽيم جي اسڪواڊ ۾ شامل فاسٽ بالر محمد عامر چيو ته ملڪ طرفان کيڏڻ جي ڳالهه ئي ڌار آهي، جڏهن سيني تي ستاره هوندو آهي ته مختلف احساس هوندو آهي.

محمد عامر جو چوڻ هو ته جنهن ڀروسي سان گڏ مونکي واپس آندو ويو آهي ان تي پورو لهڻ جو دٻاءُ آهي، مون کي جنهن گول لاءِ آندو ويو آهي اهو ورلڊڪپ آهي ۽ اهو سڀ کان اهم آهي.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ٽيم سيمي فائنل ۽ فائنل کيڏي چڪي آهي، هاڻي لائن ڪراس ڪرڻي آهي.

محمد عامر چيو ته منهنجي فٽنيس ليول اڄ به بهتر آهي، اڄ به پاڻ کي 2019ع کان گهڻو فٽ محسوس ڪريان ٿو، جيستائين اوهان فٽ نه هوندا اوهان گرائونڊ ۾ ڪجهه نه ٿا ڪري سگهو، فٽنس کانسواءِ اسڪل جو ڪو فائدو نه آهي ……….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
25.5 ° C
25.5 °
25.5 °
16 %
2.4kmh
3 %
جمعو
33 °
ڇنڇر
33 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °

تازه ترين خبرون