تازه ترين

خيرپور ۾ ڪوٽڏيجي جي رهواسين طرفان زمين تي قبضي ۽ بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي

خيرپور ۾ ڪوٽڏيجي جي رهواسين طرفان زمين تي قبضي ۽ بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ ڌڙي ڪناسرو جي ڳوٺاڻن غلام رضا لاشاري، محمد پنجل، امام ڏنو، نور بانو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هڻندي چيو ته ڳوٺ جي بااثرن مصري لنجواڻي، وريام لنجواڻي ۽ ٻين گهر تي حملو ڪري جميل احمد، محسن علي، سميرا، محمد رفيق ۽ ٻين تي تشدد ڪري زخمي ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته پوليس بااثرن کان ڳري رشوت وٺي سندن نوجوانن کي گرفتار ڪري رهي آهي جيڪا سراسر ناجائزي آهي.

احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.7 ° C
14.7 °
14.7 °
13 %
1.8kmh
0 %
سُومر
16 °
اڱارو
15 °
اربع
14 °
خميس
13 °
جمعو
13 °

تازه ترين خبرون