- Advertisement -
ملير جيل مان آزادي کانپوءِ 22 ڀارتي مهاڻن کي واهگا بارڊر لاءِ روانو ڪيو ويو آهي.
ڊسٽرڪٽ جيل ملير مان سزا مڪمل ڪرڻ کانپوءِ 22 ڀارتي مهاڻن کي آزاد ڪيو ويو.
ملير جيل مان آزاد ٿيل ڀارتي مهاڻن کي فيصل ايڌي جي سهڪار سان بس ذريعي واهگا بارڊر لاءِ روانو ڪيو ويو.
ملير جيل کان واهگا بارڊر تائين ڀارتي مهاڻن جو سمورو سفري خرچ ايڌي فائونڊيشن برداشت ڪندي.
ڀارتي مهاڻن کي واهگا بارڊر وٽان پاڪستاني اختيارين طرفان ڀارتي اختيارين حوالي ڪيو ويندو.- Advertisement -
