تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

آرمي چيف برطانيه جي اهم دوري تي آهي، پي ٽي آءِ باني، فيض حميد کي آرمي چيف بڻائڻ پئي چاهيو : خواجا آصف

- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته آرمي چيف برطانيه جي اهم دوري تي آهي، پي ٽي آءِ باني، فيض حميد کي آرمي چيف بڻائڻ پئي چاهيو، ڪريل مقصدن لاءِ 9 مئي ۽ 26 نومبر جا واقعا ڪيا ويا، پي ٽي آءِ وارن جي سياست هڪ ذات لاءِ آهي، کين ملڪ جو ڪوبه فڪر ناهي، تحريڪ انصاف ملڪي مفادن کي نقصان پهچاڻ جون سازشون ڪيون، ملڪ خلاف سموريون سازشون ناڪام ٿينديون. اهم انٽرويو ۾ خواجا آصف چيو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير برطانيه جي اهم دوري تي آهي، جتي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، پاڪستان ۽ برطانيه جا تاريخي لاڳاپا آهن، ملڪ جي وڏي آبادي برطانيه ۾ رهندڙ آهي. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف وارا پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن، تحريڪ انصاف باني، فيض حميد کي آرمي چيف بڻائڻ پئي چاهيو، پي ٽي آءِ باني چاهي پيو ته فوج سندس پارٽي جو ذيلي ادارو بڻجي وڃي. بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته تحريڪ انصاف جهڙي عادت دنيا ۾ ڪنهن پارٽي جي ناهي، تحريڪ انصاف وارا هڪ دور ۾ آرمي چيف کي پيءُ چوندا هئا، پي ٽي آءِ باني آرمي چيف کي قوم جو پيءُ قرار ڏنو هو، جنهن کي پيءُ چوندا هئا ان بابت به بد زباني ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪريل مقصدن لاءِ 9 مئي ۽ 26 نومبر جا واقعا ڪيا ويا، قومي ملڪيتن تي حملا ۽ شهيدن جي يادگارن جي بيحرمتي جا واقعا هڪ حقيقت آهن. بچاءَ واري وزير چيو ته پي ٽي آءِ وارن جي سياست هڪ ذات لاءِ آهي، کين ملڪ جو ڪوبه فڪر ناهي، تحريڪ انصاف ملڪي مفادن کي نقصان پهچاڻ جون سازشون ڪيون. خواجا آصف چيو ته عوام باشعور آهي، تحريڪ انصاف جو ڪريل چهرو سامهون اچي ويو، ملڪ خلاف سموريون سازشون ناڪام ٿينديون. بچاءَ واري وزير چيو ته ملڪي معيشيت مستحڪم ٿي رهي آهي، عالمي ادارا پاڪستان جي معيشيت جي ساراهه ڪري رهيا آهن، تحريڪ انصاف وارن آءِ ايم ايف کي خط لکي معيشيت کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. خواجا آصف چيو ته پي ٽي آءِ وارن پروپيگنڊا ڪئي ته ملڪ ڏيوالي جو شڪار ٿي ويندو، هي آمريڪا ۾ لابيز تي پيسا خرچ ڪري رهيا آهن، هڪ طرف پي ٽي آءِ باني جيل مان آرمي چيف کي خط مٿان خط لکي منٿون ڪري رهيو آهي، ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي آرمي چيف خلاف ناڪاري مهم هلائي پئي وڃي. بچاءَ واري وزير چيو ته ڪابه سازش ملڪ کي نقصان نٿي پهچائي سگهي، نواز شريف جا اسٽيبلشمينٽ سان اختلاف رهيا. خواجا آصف چيو ته نواز شريف جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو پر هن ملڪ خلاف رستو اختيار نه ڪيو، پاڪ فوج هن وقت بي مثال قربانيون ڏئي رهي آهي، هڪ پراسس ذريعي عدليا آزاد ٿي آهي، ڪجهه مهينن ۾ شيون بهتر ٿي وينديون……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.5 ° C
23.5 °
23.5 °
21 %
3.6kmh
98 %
اڱارو
24 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون