تازه ترين

دادو: اينٽي ڪرپشن دادو جي ڪارروائي، اي ايس آءِ گرفتار

دادو ۾ اينٽي ڪرپشن  ڪارروائي ڪندي رشوت الزام هيٺ اي ايس آءِ کي گرفتار ڪري ورتو.

اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيسر اياز ڀرٽ ڪارروائي ڪندي اي ايس آءِ نظير پنهور کي گرفتار ڪري ورتو.

اينٽي ڪرپشن پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار اي ايس آءِ مٿان 5 سال اڳ جنسي زيادتي بعد قتل ٿيل نينگر لياقت گوپانگ جي قاتلن کان رشوت وٺي ڊي اين اي تبديل ڪرڻ ۽ شاهديون لڪائڻ جو الزام آهي.

مقتول نينگر لياقت گوپانگ جي والد روشن گوپانگ آءِ جي سنڌ کي معاملي جي شفاف جاچ ڪرائڻ لاءِ درخواست ڏني هئي.

آءِ جي سنڌ جي حڪم تي اي ايس پي منيب احمد جاچ مڪمل ڪندي نينگر جي قتل ڪيس خراب ڪرڻ ۾ اي ايس آءِ نظير پنهور کي ڏوهي قرار ڏنو هو.

اي ايس پي منيب احمد پاران ڏوهي قرار ڏيڻ بعد اي ايس آءِ خلاف بي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

عدالتي حڪم تي اينٽي ڪرپشن پوليس الزام هيٺ آيل اي ايس آءِ  نظير پنهور کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
24.6 ° C
24.6 °
24.6 °
59 %
2.8kmh
56 %
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
26 °

تازه ترين خبرون