تازه ترين

شڪارپور: لاڙائي پاڙي جا رهواسي 2 پورهيت سنڌ واهه وٽان اغوا، وارثن کان ڀنگ طلب

- Advertisement -
شڪارپور  ويجهو ٻه پورهيت اغوا ٿي ويا آهن، ڌاڙيلن طرفان وارثن کي فون ڪري مغوين جي بازياب لاءِ پنجاهه لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي. لاڙائي پاڙي جا رهواسي 2 پورهيت خادم حسين ڀٽو ۽ واحد بخش ڀٽو سنڌ واهه وٽان مبينا طور اغوا ٿي ويا آهن. ڌاڙيلن طرفان مغوين جي وارثن کي فون ڪري 50 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي. وارثن جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن فون ڪري مغوين جي بازيابي لاءِ ڀنگ طلب  ڪيو آهي، 50 لک رپيا نه ڏيڻ جي صورت ۾ ٻنهي پورهيتن کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. هنن آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو آهي ته ٻنهي نوجوانن کي بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته ٻن ڄڻن جي اغوا جو اطلاع مليو آهي، جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان ٻنهي نوجوانن جي بازيابي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
26 %
1.4kmh
4 %
سُومر
26 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون