دادو جو مختيارڪار هڪ مهيني کان ڊيوٽي تان غير حاضر هجڻ سبب سندس آفيس کي تالا لڳل آهن.
مختيارڪار ڊيوٽي تان غير حاضر هجڻ سبب سندس آفيس ۾ مقرر 40 کان وڌيڪ عملو ۽ تپيدارن جون آفيسون به خالي پيل آهن.
مختيار ڪار ۽ عملي جي غير حاضري سبب روينيو جي ڪم ڪار لاءِ ايندڙ شهري پريشانيءَ ۾ مبتلا آهن.
شهرين جو چوڻ آهي ته سڄو ڏينهن انتظام ڪري واپس هليا وڃون ٿا، پر مختيار ڪار ۽ سندس عملو ڊيوٽين تي نٿا اچن.
هنن چيو ته مختيار ڪار هڪ مهيني کان آفيس ۾ ناهي ويٺو، روزانو آفيس جا چڪر ڪاٽي واپس هليا وڃون ٿا.