- Advertisement -
دادو جي عدالت ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل بابت ڪيس جي ٻڌڻي 25 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائيل ڪورٽ جي جج حسن علي ڪلوڙ جي عدالت ۾ ٿي.
ام رباب چانڊيو ۽ فريادي پرويز چانڊيو، وڪيل صلاح الدين پنهور سان گڏ عدالت ۾ پهتا.
الزام ھيٺ آيل پ پ پ ايم پي اي سردار احمد چانڊيو، برھان خان چانڊيو، ان وقت جو ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو، جوابدار ستار چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيا.
گرفتار جوابدار ذوالفقار، علي گوهر، مرتضيٰ، سڪندر چانڊيو کي جيل پوليس طرفان عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
ايم اين اي رسول بخش چانڊيو پاران عدالت ۾ ڏنل بيانن تي آڏي پڇا مڪمل ڪئي وئي، جنهن بعد عدالت ٻڌڻي 25 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ام رباب چانڊيو ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿيڻ تي عدالت جي احاطي ۾ شڪراني سجندو ڏنو.
ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو جو چوڻ هو ته شڪر جو سجدو ڏنو آهي، جيڪي گواهه آندا ويا انهن جوابدار ڌر جي اسٽيٽمينٽ ئي اڏائي ڇڏي.
سندس چوڻ هو ته آڏي پڇا دوران اسان جي وڪيل جيڪي سوال پڇا ڪنهن به سوال جو جواب نه ڏئي سگهيا، بلاول ڀٽو جي پروگرام جو ڪوبه سرڪاري شيڊول به هي پيش نه ڪري سگهيا آهن.
ام رباب چانڊيو جو چوڻ هو ته الله جو شڪر آ هنن جون گواهيون اُڏي چڪيون آهن ڪوڙيون گواهيون ڪوڙيون ٿي ويون آهن.
سندس چوڻ هو ته ڪيس مڪمل ٿي چڪو آهي، وڪيلن جا آرگيومينٽ ٿيڻ بعد فتويٰ ايندي، اميد آهي ته انصاف ملندو.
ٻئي طرف عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار احمد چانڊيو چيو ته واقعي واري ڏينهن ايم اين اي رسول بخش چانڊيو وٽ ترسيل هئاسين، رسول بخش چانڊيو پاران عدالت ۾ ڏنل بيان تي فريادي ڌر جي وڪيل پاران آڏي پڇا مڪمل ڪئي وئي آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ادي کي خبر هوندي ڇو جو ٻاهر نڪري چوندي آهي ته ڪير ڪوڙو ٿيو ڪير سچو ٿيو جج صاحب شايد ادي کي ٻڌائيندو آهي اسان کي نه ٻڌائيندو آهي.- Advertisement -
