تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پيپلز گرين ٽرانسپورٽ منصوبي تحت ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 500 اليڪٽرڪ بسون مرحليوار متعارف ڪرايون وينديون : شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير  شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پيپلز گرين ٽرانسپورٽ منصوبي تحت ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 500 اليڪٽرڪ بسون مرحليوار متعارف ڪرايون وينديون،  هي فليگ شپ منصوبو هوندو، شهرين کي آرام ۽ گهٽ لاڳت جي سفري سهولت ملندي، فضائي گدلاڻ ۾ گهٽتائي ايندي. جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته منصوبي ۾ جديد بس ڊپو، چارجنگ اسٽيشن، آٽو ميٽڪ ڀاڙي جي وصولي ۽ سمارٽ مانيٽرنگ سسٽم شامل هوندو. سندس چوڻ هو ته ڪراچي پورٽ کان قيوم آباد ايليويٽڊ ايڪسپريس وي منصوبي جي به منظوري ڏني وئي آهي جيڪو بندرگاهه کان وڏن گاڏين لاءِ مخصوص رستو فراهم ڪندو. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته 16 ڏهائي 5 ڪلو ميٽر ڊگهي فريٽ ايڪسپريس وي پورٽ کي سينيٽر تاج حيدر انٽر چينج سان ڳنڍيندو، جنهن سان شهري روڊن تي ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو ۽ بندرگاهه جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڄامشوري ۽ مٽياري ۾ 41 هزار ايڪڙ تي ٻيلو لڳائڻ جو منصوبو ماحولياتي تحفظ ۽ ڪاربن جي خارج ٿيڻ ۾ گهٽتائي طرف اهم قدم آهي. هن چيو ته سنڌ سرڪار زراعت ۽ فوڊ پروسيسنگ شعبي ۾ به خانگي ڀائيواري کي هٿي ڏئي رهي آهي. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته ٺٽي ۾ ٽماٽر ڪلسٽر پراسيسنگ پلانٽ ۽ سڄي صوبي ۾ چانور ۽ ڪڻڪ ميڪانائزيشن منصوبي تي فزيبلٽي اسٽڊيز جديد زرعي ٽيڪنالاجي جي استعمال تي حڪومتي ڌيان جو ثبوت آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ ماڊل تحت صوبي ۾ ٽرانسپورٽ، توانائي، ماحولياتي ۽ انفرا اسٽڪچر جي شعبن ۾ ڪيترائي اهم منصوبا شروع ڪيا پيا وڃن. سندس چوڻ هو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جا منصوبا شهري سهولتن ۾ بهتري، روزگار جا موقعا، سيڙپڪاري کي هٿي ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيا آهن. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت جاري منصوبا سنڌ جي عوام لاءِ هڪ بهتر، خوشحال ۽ جديد مستقبل جو بنياد رکي رهيا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پ پ جي سنڌ حڪومت عوامي خدمت، ترقي ۽ پاڻ تي ڀاڙڻ جي ويزن تي عمل ڪري رهي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
29 %
0.8kmh
100 %
جمعو
23 °
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون