دادو جي عدالت زميندار جي درخواست تي پير مظهر الحق ۽ ٻين کي 28 جنوري تي طلب ڪري ورتو.

spot_img
دادو جي عدالت زميندار جي درخواست تي اڳوڻي صوبائي وزير پير مظهر الحق ۽ ٻين کي 28 جنوري تي ڌرين کي طلب ڪري ورتو. ڳوٺ گل محمد شاهه جي رهواسي زميندار سيد گل محمد شاهه، دادو جي سيشن جج جي عدالت ۾ 22 اي بي جي درخواست داخل ڪرائي. درخواست ڏيندڙ گل محمد شاهه موقف اختيار ڪيو ته سندس زمين ڀرسان سرڪاري وڻ لڳل آهن، اڳوڻو صوبائي وزير پير مظهر الحق ۽ سندس مئنيجر غلام حسين پنهور سرڪاري وڻ ڪٽرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس هارين کيس روڪيو. درخواست ۾ چيو ويو ته بااثرن وڻ وڍڻ کان روڪڻ تي سندس هارين کي هڪ ڪلاڪ تائين ناحق باندي بڻايو . درخواست ڏيندڙ موقف اختيار ڪيو ته اڳوڻي صوبائي وزير پير مظهر الحق ۽ سندس مئنيجر خلاف خدا آباد ٿاڻي تي درخواست ڏني پر پوليس ڪيس داخل نه ڪيو، بااثر خلاف قانون موجب ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. اهڙي درخواست تي عدالت 28 جنوري تي ڌرين کي طلب ڪري ورتو. عدالت طرفان ايس ايس پي دادو کان پڻ رپورٽ طلب ڪئي وئي..

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.3 ° C
12.3 °
12.3 °
24%
1.2m/s
2%
اڱارو
14 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون