دادو جي عدالت ميهڙ واقعي بابت ڪيس جي ٻڌڻي 15 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ام رباب جو چوڻ آهي ته قبيلائي تڪرارن جي ناسور سبب سنڌ جي شعور کي قتل ڪيو پيو وڃي، پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، انساني جانين جو ڪو قدر ناهي، کين ٽارگيٽ ڪرڻ لاءِ ڪيس کي ڊيگهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
دادو جي ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج حافظ عطاءُ الله شيخ جي عدالت ميهڙ واقعي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران ام رباب چانڊيو، فريادي پرويز چانڊيو، الزام هيٺ آيل پ پ ايم پي اي سردار احمد چانڊيو ۽ ايم پي اي برهان خان چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيا.
گرفتار جوابدار اڳوڻي ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو، مرتضيٰ، سڪندر، علي گوهر، ذوالفقار چانڊيو کي جيل پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو.
عدالت گرفتار جوابدارن جو هڪ وڪيل پيش نه ٿيڻ سبب ڪيس جي ٻڌڻي 15 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته ڪيس کي ڊيگهه ڏيڻ جو سبب کين ٽارگيٽ ڪرڻ آهي، جيئن پي ايڇ ڊي ھولڊر قتل ٿي ويو، ھتي انساني جان جو ڪوبه قدر ناھي.
هن چيو ته هاءِ ڪورٽ جا واضح حڪم هئا ته ٽن مهينن اندر ڪيس جو فائنل فيصلو ٻڌايو وڃي پر هو ڇهن مهينن کان چڪر ڪاٽي رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته عدالت سڳوري جي فيصلي تي به اڃا تائين عمل نه ٿي سگهيو، هو رڳو انصاف گهرن ٿا ٽن گهرڀاتين جو وڇوڙو آسان ناهي.
ام رباب چانڊيو چيو ته هو هر حاضري تي اها اميد سمجهي اچن ٿا ته کين انصاف ملندو……..