تازه ترين

ڀارت کان ڪشمير جي آزادي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو مشن هو : بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪشمير تڪرار خطي ۾ استحڪام ۽ دنيا ۾ امن جو مسئلو آهي جنهن ڏينهن عالمي برادري کي ان تڪرار جي حل بابت پنهنجي ذميواري جو احساس ٿيندو ڪشميرين جي فتح ٿيندي، ڀارت کان ڪشمير جي آزادي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو مشن هو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو سڄي زندگي ڪشمير ڪاز لاءِ سرگرم رهي، صدر آصف زرداري پاڪستان کپي سان گڏ ڪشمير کپي جو نعرو لڳايو ۽ هن به پرڏيهي وزير طور دنيا جي هر فورم تي ڪشمير مسئلي بابت آواز اٿاريو آهي.

ڪشمير تي قبضي خلاف ڪاري ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري ڪشميري شهيدن کي خراج عقيدت ۽ والاريل وادي جي عوام کي به ڀيٽا پيش ڪئي.

هن چيو ته اڄ والاريل ڪشمير تي اتان جي عوام جي مرضي خلاف غيرقانوني قبضي کي 76 ورهيه وهامي ويا ان ڊگهي عرصي دوران ڀارت قبضو برقرار رکڻ لاءِ هزارين ڪشميرين کي شهيد ڪيو.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 76 ورهين دوران لکين ڪشميرين تي تشدد ڪيو ويو ۽ سڄي وادي کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي ڪشميرين جي جدوجهد ۽ قربانيون آزادي جي جذبي سان ڀرپور هڪ قوم جي بيمثال تحريڪ جو ثبوت آهن.

سندس چوڻ هو ته ڪشمير ۾ راءِ شماري ڪشميري عوام جو جمهوري ۽ بنيادي انساني حق آهي، گذريل چئن سالن دوران ڀارت طرفان والاريل ڪشمير بابت ظالماڻي قدمن ۾ وڌيڪ تيزي آئي آهي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت جي ظالماڻي قدمن تحت مسلم اڪثريتي علائقن کي هندو اڪثريتي چونڊ تڪ بڻائڻ جون ڪوششون جاري آهي هن مقصد خاطر لکين غير ڪشميرين کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته مودي حڪومت جا اهي قدم غير جمهوري ۽ غيرقانوني آهن، ڪشمير جي آزادي تائين پ پ پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪشمير لاءِ هزار سال تائين جنگ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، پيپلز پارٽي اڄ به شهيد ڀٽو جي بيان تي قائم آهي، يقين آهي ته والاريل وادي جو نوجوان نسل ڪشمير کي جلد ڀارت کان آزاد ڪرائي وٺندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
15 ° C
15 °
15 °
46 %
0.8kmh
82 %
آچر
22 °
سُومر
19 °
اڱارو
22 °
اربع
23 °
خميس
22 °

تازه ترين خبرون