دادو ويجهو پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب نينگر دم ڏئي ڇڏيو

spot_img
- Advertisement -

دادو ويجهو پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب نينگر دم ڏئي ڇڏيو، نينگر جي پراسرار موت ۽ وارثن طرفان پوسٽ مارٽم نه ڪرائڻ سبب پوليس ۽ وارثن ۾ اختلاف ٿيڻ ڪري لاش اسپتال ۾ پيل.

 ڳوٺ جان محمد عمراڻي ۾ پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب 7 سالن جو محمد قاسم عمراڻي زخمي ٿي پيو.

وارثن زخمي نينگر کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي.

وارثن جو چوڻ هو ته پسٽل صاف ڪندي گولي ڇٽڻ  سبب 7 سالن جو محمد قاسم عمراڻي فوت ٿيو، واقعو اتفاقي آهي، جنهن ڪري  پوسٽ مارٽم نٿا ڪرائڻ چاهيون.

نينگر جي پراسرار موت تي پوليس ۽ وارثن ۾ اختلاف ٿيڻ سبب نينگر جو لاش اسپتال ۾ پيل آهي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12 ° C
12 °
12 °
24%
1.2m/s
0%
اربع
14 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °

تازه ترين خبرون