تازه ترين

دادو ۾ ام رباب چانڊيو جي گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي 24 آگسٽ تائين ملتوي

- Advertisement -
دادو جي عدالت ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس ۾ جوابدار ذوالفقار چانڊيو کي گڊو مان گرفتار ڪندڙ ان وقت جي ايس ايڇ او فيض محمد گڏاڻي ۽ اي ايس آءِ منظور لغاري جا بيان رڪارڊ ٿيڻ بعد ٻڌڻي 24 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج حسن علي ڪلوڙ جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران ام رباب چانڊيو، وڪيل صلاح الدين پنھور سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿي، جڏهن ته فريادي پرويز چانڊيو طبعيت ٺيڪ نه ھئڻ سبب پيش نه ٿيو. الزام ھيٺ آيل پ پ ايم پي اي سردار احمد چانڊيو، برھان خان چانڊيو، ان وقت جو ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو ۽ جوابدار ستار چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيا. ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن علي گوھر چانڊيو، مرتضيٰ، سڪندر ۽ ذوالفقار چانڊيو کي جيل پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت جوابدار ذوالفقار چانڊيو کي گڊو مان گرفتار ڪندڙ ان وقت جي ايس ايڇ او فيض محمد گڏاڻي ۽ اي ايس آءِ منظور لغاري جا بيان رڪارڊ ٿيڻ بعد ٻڌڻي 24 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته سردارن پاران هر قسم جا حربا هلايا پيا وڃن ته جئين ڪيس پرسو نه ڪري سگهن، عدالتن مان انصاف جي اميد آهي ته جلد کين انصاف فراهم ٿيندو ۽ قاتل ڦاهي جي ڦندي تي هوندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
46 %
2.3kmh
0 %
خميس
24 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون