- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ گهر ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا قتل ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن.
منور چورنگي وٽ هٿياربند گهر اندر فائرنگ ڪئي.
فائرنگ جي نتيجي ۾ عبدالسلام ۽ ناصر اشرف مارجي ويا، جڏهن ته ٻه ڀائر عاصم ۽ آصف زخمي ٿي پيا.
واقعي بعد مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ۽ زخمين جو تعلق هريپور سان آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
