دادو ۾ نافرمان پٽ پيرسن امڙ کي تشدد جو نشانو بڻائي گهران ڪڍي ڇڏيو، جنهن سبب پيرسن عورت انصاف لاءِ ٿاڻي جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آهي.
ڳوٺ ميوي چانڊئي جي رهواسڻ پيرسن نوابزادي چانڊيو پٽ ڍولڻ چانڊئي خلاف سنڌ ٽي وي نيوز آفيس پهچي دانهيو ته پٽ، ننهن ۽ پوٽن تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو آهي، ڌيءَ لطيفان ڇڏائڻ لاءِ پهتي ته ان تي به تشدد ڪيو ويو.
هن ٻڌايو ته ٻوڏ ۾ سندس گهر ڪري پيو هو، حڪومت پاران ڏنل پئسن مان ڪمرو ٺهرايو ته وڏي پٽ پٽ ڍولڻ چانڊيو گهر مان ڪڍي ڇڏيو.
سندس چوڻ هو ته هوءَ ايس ايس پي ڏانهن دانهن کڻي وئي پر کيس ملڻ نه ڏنو ويو، نافرمان پٽ خلاف ڪارروائي ڪري گهر تي ٿيل قبضو ختم ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.