تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ٺري ميرواهه ۾ صحافي اي ڊي شر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ شهر ۾ شٽربند هڙتال، سوين ماڻهن جي ريلي

- Advertisement -
ٺري ميرواھ جي صحافي اي ڊي شر جي قتل  واري واقعي ۽ ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ شھر ۾ شٽربند ھڙتال ڪري 12 ڪلوميٽر ريلي ڪڍي وئي. ميرواھ بچايو اتحاد جي سڏ تي ڳوٺ رسولپور کان 12 ڪلو ميٽر  ريلي  ڪڍي وئي، جنهن ۾ شهرين وڏي انگ ۾ ماڻھن جي شرڪت ڪئي. شٽربند ھڙتال جي سڏ تي تعلقي ھيڊڪوارٽر شھر ۾ مک بازار سميت سمورا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته پوليس اي ڊي شر جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار هن وقت تائين گرفتار ناهي ڪري سگهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سندن احتجاج جاري رهندو. ٻئي طرف فيض گنج ۾ صحافين، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي طرفان مهراڻ هاءِ وي مين چوڪ کان پريس ڪلب تائين مظفر مصطفيٰ شر، محمد اقبال موريجو، هدايت علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. فقير آباد ۾ به جي ڊبليو سي طرفان جي ايم چوڪ تي وفا جاگيراڻي، خورشيد، وحيد کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هڱورجا ۾ خيرپور صحافي اتحاد جي سڏ تي صحافين غلام حسين چانگ، شمن راڄپر ۽ محمد صديق سولنگي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي حقيقتون عوام سامهون آنديون وڃن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.1 ° C
29.1 °
29.1 °
12 %
0.4kmh
3 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون