دادو ۾ هٿياربندن نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو
جهلو ٿاڻي جي حد سيال بند وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪئي.
فائرنگ جي نتيجي ۾ ڌنار مدد علي ٻٻر سخت زخمي ٿي پيو.
زخمي ڌنار کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس سيوهڻ جي اسپتال ريفر ڪيو ويو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو.
اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
وارثن جو چوڻ آهي ته ڪنهن سان به دشمني ناهي، مدد علي ڌنار رڍون ۽ ٻڪريون چاريندو هو.
جهلو پوليس موجب، مدد علي مختلف علائقن ۾ رڍون ۽ ٻڪريون چاريندو هو، اصل ڪي اين شاهه جو هو ٻوڏ دوران دادو شهر جي علي بخش ڪالوني ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي، هو معاملي جي جاچ ڪن پيا.