- Advertisement -
ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته حددخلين خلاف مسلسل ڪارروايون جاري آهن، غير مستقل حد دخليون ختم ڪيون وڃن ٿيون پوءِ اهي وري لڳايون وڃن ٿيون، گجر، اورنگي ۽ محمود آباد جي نالن تي مستقل اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪري جاءِ خالي ڪرائي وئي آهي، جتي به حددخليون هٽائڻ جا حڪم اچن ٿا، ڪي ايم سي عمل ڪري ٿي، گذريل ڇهن مهينن ۾ واٽر بورڊ، پوليس ۽ رينجرز جي مدد سان ڏيڍ سئو غير قانوني هائيڊرنٽس هٽائي ڇڏيا آهن.
سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته حددخلين خلاف مسلسل ڪارروايون ٿي رهيون آهن، گجر، اورنگي ۽ محمود آباد نالي تان حددخليون ختم ڪرايون ويون آهن.
سندس چوڻ هو ته جتان جتان حددخليون هٽائڻ جا حڪم ايندا آهن، ڪي ايم سي طرفان عمل ڪرايو ويندو آهي.
ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته گذريل ڇهن مهينن ۾ واٽر بورڊ، پوليس ۽ رينجرز جي مدد سان ڏيڍ سئو غير قانوني هائيڊرنٽس ختم ڪيا ويا آهن- Advertisement -
