- Advertisement -
درگاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي لکي گيٽ جي چاندي واري دروازي مان وڏي مقدار ۾ چاندي چوري ٿيڻ واقعي جو اوقاف کاتي جي صوبائي وزير رياض شاهه شيرازي نوٽس ورتو آهي.
چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف جو چوڻ آهي ته چاندي چوري ٿيڻ واري واقعي کانپوءِ مينيجر فوري طور تي معطل ڪيو ويو آهي.
ايڊمنسٽريٽر اقاف شاهنواز درس جو چوڻ آهي ته واقعي درگاهه جو دورو ڪري واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا آهن، اهو انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته غفلت ڪرڻ تي مينيجر اقاف خلاف ڪارروائي ڪندي چوري جو ڪيس داخل ڪرايو ويندو.
واضع رهي ته درگاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي لکي گيٽ جي چاندي واري دروازي مان وڏي مقدار ۾ چاندي چوري ٿي هئي.
درگاهه تي 50کان وڌيڪ سي سي ٽي وي ڪئميرائون هجڻ ۽ فوٽيج ۾ چاندي چورائيندي چور نظر اچڻ باوجود پوليس ۽ اوقاف کاتو معاملو کي لڪائڻ جي ڪوششن ۾ هو.
- Advertisement -
