- Advertisement -
شڪارپور پوليس مقابلي دوران هڪ ڏوهاري کي ماري ڪلاشنڪوف هٿ ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته جاڳڻ لنڪ روڊ تي ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڏوھارين سان مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو جڏهن ته 5 اونڌاهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا.
پوليس موجب، مارجي ويل ڏوهاريءَ جي نادر مھر طور سڃاڻپ ٿي سندس قبضي مان ڪلاشنڪوف ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون.
پوليس دعوى ڪئي ته مارجي ويل ڏوهاري جا ٻيا ساٿي گلاب سعدخاناڻي،واجد سومرو ۽ ٻيا فرار ٿي ويا.
پوليس موجب، مارجي ويل ڏوھاري لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، سندس مٿان مختلف ٿاڻن تي ڦر ڌاڙن ۽ قتل سميت 11 ڪيس داخل آھن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
