تازه ترين

دنيا جي سڀ کان وڏي بسون ٺاهيندڙ ڪمپني يوٽونگ پاران ڪراچي ۾ انٽرا سٽي ۽ اي وي بسن جو پلانٽ لڳائڻ جو فيصلو:

- Advertisement -
سنڌ جي سنيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ملڪ جي عوام لاءِ تمام وڏي خوشخبري ٻڌائيندي چيو آهي ته دنيا جي سڀ کان وڏي بسون ٺاهيندڙ ڪمپني يوٽونگ پاران ڪراچي ۾ انٽرا سٽي ۽ اي وي بسن جو پلانٽ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان يوٽونگ وچ اوڀر جي سي اي او ۽ ٻين عملدارن جي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران شرجيل انعام ميمڻ جي جولاءِ 2022ع ۾ ڏنل دعوت تي يوٽونگ پاران ڪراچي ۾ پلانٽ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته يوٽونگ طرفان ڪراچيءَ ۾ پلانٽ لڳائڻ جو ڪم ٽن مهينن اندر شروع ٿي ويندو، پلانٽ جو ڪم ايندڙ سال مڪمل ٿي ويندو. سندس چوڻ هو ته هاڻي يوٽونگ جي انٽرا سٽي ۽ اليڪٽرڪ بسون ڪراچيءَ ۾ ئي ٺهنديون، پلانٽ ۾ اي وي ۽ هائبرڊ ڊيزل بسون تيار ڪيون وينديون. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پلانٽ لڳڻ سان صنعتن کي هٿي ملندي، روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، ڪراچي ۾ بسن جي تياري سان پاڪستان جي مٽاسٽا جا ذخيرا به بچندا، بسون ٻاهر اماڻڻ سان پاڪستان کي به فائدو ٿيندو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.5 ° C
24.5 °
24.5 °
54 %
1.9kmh
4 %
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون