تازه ترين

جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ جج ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ جج ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته سياسي ڪيسن سبب سپريم ڪورٽ جو ڪيترو ئي وقت ضايع ٿي چڪو آهي، هزارين ڪيس رولڙي جو شڪار آهن، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نيڪ نيتي سان ڪم ڪري رهيو آهي، مصروفيتن ۽ ذاتي سببن جي ڪري هو ايڊهاڪ جج طور ڪم نه ٿو ڪري سگهي. جسٽس مشير عالم کانپوءِ جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر به ايڊهاڪ جج بڻجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جو چوڻ آهي ته هو مصروفيتن ۽ ذاتي سببن جي ڪري سپريم ڪورٽ جو حصو نه بڻجي رهيو آهي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نيڪ نيتي سان هي ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته چيف جسٽس جو هي قدم سئو سيڪڙو آئيني ۽ قانوني آهي، قاضي فائز عيسيٰ جڏهن چيف جسٽس بڻيو هو ته هن سان ان بابت ڳالهه ڪئي هئي. جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته چيف جسٽس جو چوڻ هو ته سياسي ڪيسن سبب سپريم ڪورٽ جو تمام گهڻو وقت ضايع ٿي ويو آهي، هزارين ڪيس رولڙي جو شڪار آهن، دير کي ختم ڪرڻ لاءِ ايڊهاڪ ججن جي مقرري ڪئي پئي وڃي……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
30.1 ° C
30.1 °
30.1 °
33 %
2.9kmh
39 %
جمعو
29 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون