تازه ترين

دنيا جي مختلف ملڪن ۾ فلسطين تي اسرائيلي بمباري خلاف  احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري

دنيا جي مختلف ملڪن ۾ فلسطين تي اسرائيلي بمباري خلاف  احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي.

اسرائيلي حملن خلاف آمريڪي شهر نيويارڪ ۾ هزارين شهرين طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري فلسطين جي آزاديءَ لاءِ نعريبازي ڪئي وئي.

واشنگٽن ۾ هزارين ماڻهن طرفان فلسطينين سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

احتجاجي مظاهري دوران فلسطين کي آزاد ڪيو ۽ اسرائيل دهشتگرد رياست جا نعرا هنيا ويا.

احتجاجي مظاهرن دوران وائيٽ هائوس جي چوڌري سڪيورٽي انتظام نهايت سخت ڪيا ويا.

هوڏانهن برطانيا ۾ به هزارين ماڻهن طرفان فلسطين سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ ريلي ڪڍي  لنڊن جي پڪا ڊلي سرڪس تي ڌرڻو هنيو ۽ غزا ۾ فوري طور جنگبندي جو مطالبو ڪيو.

ڌرڻي دوران لنڊن پوليس ڇاپو هڻي 19 مظاهرو ڪندڙن کي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو.

هوڏانهن پيرس ۾ به هزارين ماڻهن غزا ۾ جنگبندي جي حق ۾ مارچ ڪيو جڏهن ته برلن ۾ غزا فلسطينين جي نسل ڪشي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

ناروي، آسٽريليا، ٿائلينڊ، ڏکڻ ڪوريا، ايران، قطر ۽ عراق ۾ به فلسطين تي اسرائيلي بمباري خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

مظلوم فلسطيني عوام جي حق ۾ چلي ۽ وينزويلا ۾ به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
15.8 ° C
15.8 °
15.8 °
12 %
2.1kmh
4 %
سُومر
15 °
اڱارو
15 °
اربع
14 °
خميس
13 °
جمعو
13 °

تازه ترين خبرون