دنيا جي مختلف ملڪن ۾ فلسطين تي اسرائيلي بمباري خلاف  احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري

- Advertisement -
دنيا جي مختلف ملڪن ۾ فلسطين تي اسرائيلي بمباري خلاف  احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي. اسرائيلي حملن خلاف آمريڪي شهر نيويارڪ ۾ هزارين شهرين طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري فلسطين جي آزاديءَ لاءِ نعريبازي ڪئي وئي. واشنگٽن ۾ هزارين ماڻهن طرفان فلسطينين سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري دوران فلسطين کي آزاد ڪيو ۽ اسرائيل دهشتگرد رياست جا نعرا هنيا ويا. احتجاجي مظاهرن دوران وائيٽ هائوس جي چوڌري سڪيورٽي انتظام نهايت سخت ڪيا ويا. هوڏانهن برطانيا ۾ به هزارين ماڻهن طرفان فلسطين سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ ريلي ڪڍي  لنڊن جي پڪا ڊلي سرڪس تي ڌرڻو هنيو ۽ غزا ۾ فوري طور جنگبندي جو مطالبو ڪيو. ڌرڻي دوران لنڊن پوليس ڇاپو هڻي 19 مظاهرو ڪندڙن کي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. هوڏانهن پيرس ۾ به هزارين ماڻهن غزا ۾ جنگبندي جي حق ۾ مارچ ڪيو جڏهن ته برلن ۾ غزا فلسطينين جي نسل ڪشي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ناروي، آسٽريليا، ٿائلينڊ، ڏکڻ ڪوريا، ايران، قطر ۽ عراق ۾ به فلسطين تي اسرائيلي بمباري خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. مظلوم فلسطيني عوام جي حق ۾ چلي ۽ وينزويلا ۾ به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27 ° C
27 °
27 °
19%
1.4m/s
0%
آچر
32 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون